شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جو مقبرو

شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جو مقبرو

شيخ ڪرهيو ڀانڊاريءَ جو مقبرو

شيخ ڪرهيو ڀانڊاريءَ جو مقبرو: هيءُ مقبرو بدين سان لڳندڙ سامونڊي پٽي ويجهو قائم ڀڳڙا ميمڻ ڳوٺ کان 8 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ڏکڻ طرف واقع آهي. مقبري جي ٻئي پاسي شيخ ڪرهيي جي ڏاڏي بيبي بيبو (پيدائش 675هه/1276ع) جي مزار آهي. هن مقبري جي عقيدتمندن جو تعلق گهڻو ڪري شيخ قبيلي سان آهي.
هي مقبرو هڪ دڙي تي واقع آهي، جنهن جي چوڌاري قديم قبرستان جا آثار آهن. هن جاءِ تان قديم شين جي باقيات ۽ ڪجهه ٺڪراٺو پڻ مليو آهي. مقبري جي قديم عمارت ڊهي پٽ ٿيڻ ڪري ساڳي جاءِ تي نئين عمارت تعمير ڪئي وئي آهي. هيءُ هڪ مستطيل مقبرو آهي، جنهن جي اڳئين حصي ۾ هڪ گنبذ آهي. مقبري جي چئني ڪنڊن، وچ ۽ مهڙ واري ديوار جي مکيه دروازي وٽ چورس شڪل جا مينار ڏنل آهي، جن مان هر هڪ تي نيل رکيل آهي، هڪ نيل گنبذ مٿان به رکيل آهي. لنگهه واري در جي مٿان ڪنڊن تي ٻه منارا ڪلسن سان ٺهيل آهن. هيٺ ڪاٺ جو در نصب ٿيل آهي. در کان ٿوري فاصلي تي ديوار جي ٻنهي پاسن کان ونگائون لسيون دريون ٺهيل آهي. ديوار جي مٿانهين تي ٻيڙ ٻنو ۽ مينارن جي درميان وچولي سائيز جا ونگ ڏنل آهن. مقبري جي اندر ٽائلز جي فرشبندي ۽ چوڌاري ديوارن جي اڌ تائين ٽائلز لڳل آهن، ساڳي نوعيت جا ٽائلز ٻاهرين ديوار جي اڌ تي به نصب ٿيل آهي. شيخ ڪرهيي جي مزار هڪ ننڍي ٿلهي تي آهي، جنهن مٿان پڙ پيل آهي. مقبري جي اڳيان ڪجهه فاصلي تائين پڪو فرش ڏنل آهي. هن مزار تي هجري سن مطابق ذوالحج ۾ ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان پانڌيئڙا اچي زيارت ڪندا آهن ۽ مرد وڏي آواز ۾ ”الله اَلُو، هليا هلو‘ جون صدائون هڻندا رهندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو